درويش سلطان ابراهيم شاهه

درويش سلطان ابراهيم شاهه: هيءُ خدا رسيده بزرگ شڪارپور جو رهاڪو هو، هن بزرگ جي چوڻ تي دائود پوٽن شڪارپور جو بنياد رکيو هو. لکيءَ جا مهر سندس مريد هئا ۽ دائودپوٽا به سندس ڪافي احترام ڪندا هئا. روايت آهي ته جڏهن مهرن ۽ دائود پوٽن جي وچ ۾ جنگ لڳي ته هن بزرگ درويش ٻنهي قبيلن ۾ ٺاهه ڪرائڻ گھريو، پر مهرن نه مڃيو، جنهن کان پوءِ ٻنهي ڌرين ۾ لڙائي لڳي، جيڪا دائودپوٽن کٽي. مهرن جي شڪست کان پوءِ هن درويش هڪ مقام تي بيهي فرمايو ته: ”هتي هڪ شهر آباد ٿيڻ کپي، جنهن کي شڪارپور جي نالي سان سڏجي.“ اهڙي طرح پير سلطان ابراهيم شاهه جي دعائن سان شڪارپور شهر جو بنياد رکيو ويو. ڪئپٽن گولڊ سمڊ پنهنجي ڪتاب ۾ لکي ٿو ته: ”مهرن جي شڪست کانپوءِ پير سلطان ابراهيم شاهه وفات ڪري ويو، سندس هڪ مريد خواب ۾ ڏٺو ته پير صاحب هڪ کوهه مان رسي ۽ ڏول کانسواءِ پاڻي ڪڍي رهيو آهي. پوءِ مريدن کي اشارو ڪندي چيائين ته مان ۽ منهنجو دوست خضر عليه السلام هن جاءِ تي هڪ شهر شڪارپور جي نالي سان آباد ڪرڻ گھرون ٿا، جيڪو اڳتي هلي هڪ وڏو شهر بڻجي ويندو. دائودپوٽن ان خواب کي عملي جامو پهرايو. سلطان ابراهيم شاهه جي مزار لکيءَ جي ڀرسان وزيرآباد ڳوٺ ۾ آهي.




هن صفحي کي شيئر ڪريو